راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر

راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر

راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر

راٺوڙ، شبنم، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ، سنڌ جي قديم قبيلي ميگهواڙ ذات سان واسطو رکي ٿي. هن مٺي شهر، ضلعي ٿرپارڪر ۾ گڻيش. ٽي. ٻالاڻيءَ جي گهر ۾، 25 جنوري 1974ع تي جنم ورتو. سندس والد، ذيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري حيدرآباد ۾ ملازم هو، جتان هن ڪجهه سال ٿيا آهن ته رٽائرمينٽ ورتي آهي. پيءُ جي ملازمت سانگي، شبنم، پرائمريءَ کان وٺي سيڪنڊري تائين، ذيل پاڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتان هن 1992ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. مئٽرڪ کان پوءِ، هن سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام ۾ داخلا ورتي، جتان 1999ع ۾ زرعي سائنس (Agriculture Science) ۾ بي. ايس. سي ۽ 2002ع ۾ سوائل سائنس (Soil Science) ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين. 2004ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ’ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ٽنڊي ڄام‘ ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر مقرر ٿي. سندس اعليٰ ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي، 2007ع ۾ کيس ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ (ADB) اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏني ۽ هوءَ جرمنيءَ جي يونيورسٽي آف هائينهيم اسٽيوئرٽ (University of Hohenheim Stuttgart, Germany) ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ وئي، جتان هيٺئين موضوع تي 2011ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين: ‘Assessment of Biomas Production Potential on Salt affected land using SOTER database District Badin, Sindh, Pakistan’.ان دوران هن برلن، هنگري، نيڌرلئنڊ، سوئٽزلينڊ، چين ۽ آمريڪا (USA) ۾ ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ به شرڪـت ڪئي ۽ پي. ايڇ. ڊي جي موضوع سان لاڳاپيل ئي موضوعن تي تحقيقي مقالا پيش ڪري وڏي مڃتا حاصل ڪئي، خاص ڪري آمريڪا ۾ “GIS (Geographical Information System) based land Suitability evaluation for selected crops, acase study on salt effected land of Badin District” عنوان تي مقالو پيش ڪرڻ تي کيس دنيا جي ٽن مڃتا اوارڊ ماڻيندڙ نوجوان اسڪالرن ۾ شامل ڪيو ويو. ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ هن وقت ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيوٽ ٽنڊي ڄام ۾ ’ريسرچ آفيسر‘ طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ سندس خواهش آهي ته آسٽريليا يا ڪئناڊا مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڪري. ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ جي ڪوٽ ميرس، ضلعي ميرپورخاص جي رهاڪو نندن ڪمار سان شادي ٿيل آهي، جيڪو ميڊيڪل ٽيڪنيشن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.01.25  عيسوي

ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ، سنڌ جي قديم قبيلي ميگهواڙ ذات سان واسطو رکي ٿي. هن مٺي شهر، ضلعي ٿرپارڪر ۾ گڻيش. ٽي. ٻالاڻيءَ جي گهر ۾، 25 جنوري 1974ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثريا 1
پيرزادو شاهه محمد
فريال ٽالپر
ساڌو هيرانند
الهبچايو يار محمد سمون
سر ڪائوسجي جهانگير1 CSI
ضياء الدين نخشبي
ڀٽي مخدوم محمد صالح
سليم سهتو پروفيسر
چانڊيو شهمير خان ’شهمير‘
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون